درازا جو مدرسو

درازا جو مدرسو: درازا مدرسو، ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ درازا، تعلقي گنبٽ ۾ ميرن جي حڪومت دوران قائم ٿيو. هن مدرسي کي ميان صاحبڏني فاروقيءَ قائم ڪيو هو. مدرسي ۾ ديني تعليم ڏني ويندي هئي. ميان صاحب ڏني جي وفات بعد ميان عبدالحق ۽ سندس جانشين جي ڪوششن سان ڪافي وقت تائين هيءُ مدرسو قائم رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو